ٻار جي پيروي ڪريو

زبيده مصطفٰی

ترجمو: انيتا ڪمل

تازو ئي مون کي هڪ نهايت اطمينان بخش تجربو ٿيو،جنهن مون کي ٻارن جي حوالي سان اميد ڏيکاري. مون استادن جي هڪ ڪورس دوران پنجن ليڪچرس ۾ هڪ مبصر جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، جيڪو پاڪستان مونٽيسوري ايسوسيئيشن ڪراچي جي تعاون سان رٿيو ويو هو.

انهن ليڪچرس منهنجي اندرکي متحرڪ ڪري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته اسان پنهنجي ٻارن ۽ ملڪ کي ناڪام ڪيئن ڪري رهيا آهيون. اهووليم ورڊس ورٿ هو، جنهن هڪ نظم ۾لکيو هو: “ٻار، ماڻهوءَ جو پيءُ آهي.” پر اسان جي رياست ۽ معاشرو اسان جي آئيندي جي شهرين جي روح کي تباهه ڪري رهيا آهن.

اها حقيقت مون تي ماهر تعمليم طيبه سليم جي پهرئين ئي ليڪچر ٻڌڻ سان کلي ويئي. سندس زور مونٽيسوري جي فلسفي تي هو، پر منهنجي ذهن جي ٻئي دري اسان جي اسڪولن جي موجوده حالت کي ڏسي رهي هئي. انهيءَ ڪورس مان اهو چڱي طرح واضح ٿي ويو ته پاڪستان کي ڊاڪٽر ماريه مونٽيسوري (1870_1952) جي اشد ضرورت آهي، جيڪا اٽليءَ جي نيورو فزيشن ۽ تعليم دان هئي. فريده اڪبر، جيڪا هڪ مڃيل مونٽيسوري ٽرينر آف ٽرينرس ۽ مونٽيسوري فلسفي جي حامي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب ۾ واضح طور تي هنن لفظن تي زور ڏنو ته “ ٻار کان رهنمائي حاصل ڪريو.”

اهو ئي مونٽيسوري جو ڪُل فلسفو آهي. ٻار جو مشاهدو ڪريو ۽ کيس اهڙو محفوظ ماحول مهيا ڪري ڏيو، جنهن ۾ هُو پنهنجي قدرتي صلاحتين کي استعمال ڪندي پنهنجو پاڻ کي تعليم ڏيئي سگهي.

اهو شاندار تجربو روم جي هڪ ورڪنگ ڪلاس جي پاڙي مان  تقريبن سَو سال اڳ شروع ٿيو.

حقيقت اها آهي ته تعليم جواهو نظام ڪڏهن به پراڻو نه ٿو ٿي سگهي ڇو جو ان جي مظبوطيءَ جو تعلق فطرت ۽ ٻار جي اندروني صلاحتين سان آهي، جيڪو ڪڏهن به تبديل نه ٿيندو. ڊاڪٽر مونٽيسوري هڪ متحرڪ ڪارڪن هئي، جنهن پنهنجو پيغام پهچائڻ لاءِ پري پري تائين سفر ڪيو. 1939 ۾ جڏهن ٻئين مهاڀاري لڙائي شروع ٿي ته هوءَ انڊيا ۾ هئي. کيس نظربند ڪيو ويو. هُن اهو عرصو ٻارن جي فطري انداز ۾ سکڻ واري فلسفي کي ڦهلائڻ ۾ استعمال ڪيو. اهڙي طرح مس گُل مِنواله سندس شاگردياڻي ٿي ۽ هُن پاڪستان ۾ مونٽيسوري جو بنياد وڌو. 

مونٽيسوري فلسفي مطابق، جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي ته سندس بنيادي ضرورت تحفظ هوندي آهي، هُو اها ضرورت هڪ “اندروني توازن” ذريعي پوري ڪندو آهي، جيڪو کيس توازن ۽ خوشيءَ جو احساس ڏيندو آهي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻار کي پنهنجو پاڻ کي ان برادريءَ مطابق موافق ڪرڻو پوندو آهي جنهن ۾ هُو پيدا ٿيندو آهي ۽ جنهن جو هُو لازمي جُز هوندو آهي. ٻار جو جذب ڪندڙ ذهن هر اها شيءَ جذب ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي جيڪا هُو پنهنجي آسپاس جي ماحول ۾ ٻڌندو يا ڏسندو آهي. سندس اندروني ترتيب جو احساس به کيس ماحول سان مطابقت رکڻ ۾ سهولت مهيا ڪندو آهي. والدين ۽ استاد ٻئي ملي ڪري ٻار کي استحڪام ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندا آهن جيڪو سندس تحفظ جي احساس لاءِ نهايت اهم آهي.

جڏهن ٻار انهيءَ جذباتي نشونما جو تجربو ڪري رهيو هوندو آهي ته ساڳئي وقت هُو جسماني، ذهني ۽ عقلي طور تي به واڌ ويجهه ڪري رهيو هوندو آهي. هڪ بنيادي اصول جنهن تي والدين ۽ استادن کي عمل ڪرڻ گهرجي، اهو آهي ته ڪا به نئين مهارت (لکڻ، پڙهڻ يا ٻولي) تڏهن سيکارجي جڏهن ٻار انهيءَ لاءِ تيار هجي. واڌويجهه ۽ تحفظ جي عمل ۾ ٻولي هڪ اهم ڪرادرا ادا ڪري ٿي، ڇو جو هي اهو وقت هوندو آهي جڏهن ٻار پنهنجي ساٿين ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل وڏن سان ڳالهه ٻولهه ذريعي پنهنجي خيالن ۽ ضرورتن جو اظهار ڪندو آهي.

مون تي اها ڳالهه واضح ٿي ويئي ته اسان جو روايتي تعليمي نظام انهن اصولن جي خلاف ڪم ڪندو آهي، جيڪي بنيادي طور تي ٻار جي تحفظ جي احساس کي مظبوط بڻائين ٿا. اسان جا اسڪول پنهنجي شروعات انهيءَ مفروضي سان ڪندا آهن ته ٻارن کي ڪجهه نه ٿو اچي ۽ استاد کي پنهجو علم هُن ۾ منتقل ڪرڻو آهي. اسان جو سخت نظم ۽ ظبط تي ٻڌل نظام ٻار کي ڪنهن به قسم جي آزادي يا پنهنجي طور تي ڪو عمل ڪرڻ جي گنجائش نه ٿو ڏي. ٻارن کي هڪ طريقي سان زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو آهي. اسان جي تعليمي نظام جو بنيادي ٿنڀ رٽو) rote learning ( آهي, جنهن ۾ ٻار جي تنقيدي سوچ ۽ ٻئي رخ ۾ سوچڻ جي صلاحيت کي شروع ۾ ئي ختم ڪيو ويندو آهي.

اسان جي تعليمي نظام جي ٻئي وڏي خرابي اها آهي ته اهو تقابلي رجحان کي همٿائي ٿو ۽ ڪاميابي (جنهن کي فقط مال ملڪيت سان ماپيو وڃي ٿو) لاءِ آسان رستو ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ مدد ڪري ٿو. انهيءَ مان سمجهي سگهجي ٿو ته اسان جي امتحانن ۾ بدعنواني ڇو ٿي ٿئي. انهيءَ بي صبري ۽ شارٽ ڪٽ جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسان جو پيار ۽ مرعوبيت انگريزي زبان ڳالهائيندڙن جي اڻ ڏٺي جنت لاءِ وڌندي ٿي وڃي. اهڙي طرح ٻار کان پنهنجي مادري ٻولي ته کسجي وڃي ٿي پر هُو سٺي انگريزي به نه ٿو سکي سگهي ۽ اهڙي طرح هُو ششدر ٿي رهجي وڃي ٿو.

طيبه پنهنجو ليڪچر اردو ۾ ڏيئي عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪيو، شروع ۾ انگريزيءَ جي حامين ڪجهه  رڪاوٽ  جو اظهارڪيو پر پوءِ انهن اهو فيصلو قبول ڪري ڇڏيو. ليڪچرس کا پوءِ هُنن مون سان اعتراف ڪيو ته هُنن کي ڪو به ليڪچر سمجهڻ ۾ ڪا به مشڪل پيش نه آئي. طيبه مون کي ٻڌايو ته ان کان اڳ سندس ڪنهن به ليڪچر ۾ شرڪت ڪندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ايترو وڌيڪ لهه وچڙ ۾ ڪونه آيا، ان ڪري جو شاگردن کي ليڪچرس سمجهه ۾ به اچي رهيا هئا ۽ هُو تمام مناسب سوال به ڪري رهيا هئا ڇاڪاڻ ته ٻولي هُنن لاءِ رڪاوٽ ڪونه هئي. جيتوڻيڪ انهن مان اڪثريت پنهنجا اسائنمنٽس انگريزيءَ ۾ لکيا. آئون هتي سندن انگريزيءَ جي مهارت تي تبصرو ڪونه ڪنديس.

شرڪت ڪندڙن جا ڪجهه خاص تبصرا هيٺيان هئا:

_آئون تعليم ڏيڻ جو علم سکڻ جو سوچي آئي هئس پر مون کي ان کان وڌيڪ مليو يعني ٻار کي سمجهڻ .

_ جيڪڏهن منهنجي ڌيءَ سان ڪجهه به غلط ٿيو ته مون کي خبر آهي ته ان جي ذميوار هوءَ نه ٿي ٿي سگهي.

_ “والدين جا فرض ۽ ٻار جي بهتري” جي عنوان سان جيڪي به ڪورس ٿين ٿا، ان ۾ ٻارن جي پيئرن کي به ضرور شامل ٿيڻ گهرجي.

_ شروع ۾ آئون پنهنجي ٻوليءَ کي گهٽ درجو ڏيندي هئس پر هاڻي آئون ان جي عزت ڪريان ٿي ۽ ان کي استعمال ڪرڻ چاهيان ٿي.

پاڪستان ميديڪل ايسوسيئيشن، گذريل هفتي ٻارن سان ٿيندڙ زيادتيءَ تي پنهنجو موقف پيش ڪيو، انهن کي اهو به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته ٻار کي سندس ٻوليءَ کان ڌار ڪرڻ به ٻار سان زيادتيءَ جي برابر آهي.